ڪراچي جي مقامي عدالت ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن عمران جهانگيري ۽ ايوب ڪاڻا کي 15-15 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

law

ڪراچي جي مقامي عدالت پوليس ٿاڻي تي حملي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن کي 15-15 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ايم ڪيو ايم جي ٻن ڪارڪنن عمران جهانگيري ۽ ايوب ڪاڻا کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت پوليس ٿاڻي تي حملي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻنهي جوابدارن کي 15-15 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

پوليس جوابدارن کي 24 سيپٽمبر 2013ع دوران پاڪستان بازار مان گرفتار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*