سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايم آءِ ٽِي چيئرمين ظفر شيرواڻي جي مقرري خلاف درخواست تي عدالت رجسٽرار کي نوٽيس جاري

Sindh High Court new

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايم آءِ ٽِي چيئرمين ظفر شيرواڻي جي مقرري خلاف درخواست تي عدالت رجسٽرار کي نوٽيس جاري ڪندي 19 جنوري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ ظفر شيرواڻي جي هاءِ ڪورٽ جي ايم آءِ ٽِي چيئرمين طور مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته رجسٽرار سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو ويو پر ڪوبه جواب نه مليو.

عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي ذاتي طور رجسٽرار سان ملاقات ڪري عدالتي حڪمن بابت آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪندي 19 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سهيل بيگ نوري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انتظامي ڪميٽي جي منظوري کانسواءِ چيئرمين ايم آءِ ٽِي جو عهدو بڻائڻ غير قانوني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*