قومي ايڪشن پلان تحت سڄي ملڪ مان 2 هزار 5 سئو 33 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 182 شڪي مدرسن کي بند ڪيو ويو

chudhry--nisar

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزارت قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ 182 مدرسن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ 2 هزار 5 سئو 33 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو  ويو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ايوان ۾ وفاقي گهرو وزارت پاران قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ٻن سالن ۾ ملڪ مان 2 هزار 5 سئو 33 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

گهرو وزارت چيو ته خيبر پختونخواهه مان سڀ کان وڌيڪ هڪ هزار 68 دهشتگرد گرفتار ٿيا، جڏهن ته پنجاب مان 55، سنڌ مان 897، بلوچستان مان 193، اسلام آباد مان 42، گلگت مان 72 ۽ فاٽا مان 206 دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو.

ايوان کي آگاهي ڏني وئي ته ايڪشن پلان تحت سنڌ ۾ 72 مدرسن سميت سموري ملڪ ۾ 182 شڪي مدرسن کي بند ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ 190 مدرسن کي پرڏيهي فنڊنگ ٿيندي آهي، جن ۾ پنجاب جا 147، بلوچستان جا 30 ۽ سنڌ جا 6 مدرسا شامل آهن.

گهرو معاملن واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان چيو ته پابندي مڙهيل تنظيمن جي فهرست تياري جي مرحلي ۾ آهي، فهرست ۾ شامل تنظيمن جي ميمبرز کي نادار ۽ ايف آءِ اي جي رڪارڊ سان ڳنڍيو ويندو.

ايوان کي لکت ۾ آگاهي ڏيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته ڪيري لوگر تحت پاڪستان کي ملندڙ گرانٽ 5 ڏهائي 7 ارب ڊالر آهي، جنهن مان ڪجهه رقم فاٽا ۾ ورهائي وئي آهي.

پ پ جي منور ٽالپور چيو ته نيب مٿس ڪرپشن جا ڪوڙا الزام مڙهي رهيو آهي، کيس ڄاڻ آهي ته ڪيس ڇو داخل ڪيا پيا وڃن.

منور ٽالپور چيو ته کين سڀ خبر آهي ته آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿين ۽ مائٽن کي تنگ ڇو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وفاقي ادارن کي ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ئي نظر اچي ٿي.

پارلياماني معاملن واري وزير انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي جوڙڻ واري رٿ پيش ڪئي، جيڪا ايوان منظور ڪري ورتي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*