هاڻي مغلن واري دور جون عدالتون نه آهن تلور جو شڪار واري ڪيس جي ٻڌڻي دروارن عدالت ريمارڪس

talor

سـُپريم ڪورٽ، تلور جي شڪار تي پابندي خلاف نظرثاني درخواستن تي سڀاڻي تائين وڪيلن کي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هاڻي مغلن ۽ سلطانن جي دور واريون عدالتون ناهن رهيون، جيڪڏهن قانون ۾ تلور جي شڪار جي اجازت آهي ته عدالت مداخلت نه ڪندي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ تلور جي شڪار تي پابندي خلاف وفاق ۽ چئني صوبن جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ وائلڊ لائيف قانون تحت تلور جي شڪار تي مڪمل پابندي نه آهي پر سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ناياب پکيءَ جي شڪار تي مڪمل پابندي لڳائي آهي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته معاملو اهو آهي ته تلور جي حفاظت بدران شڪار ڪيو وڃي ٿو پر صوبائي حڪومت کي 1972 تحت ٺهيل ضابطه اخلاق تحت شڪار جو لائيسنس ڏيڻ جو اختيار آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي، فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت تلور جي شڪار بابت موقف ڇو تبديل ڪيو آهي؟، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ ٻڌايو ته وقت گذرڻ سان گڏ تلور جي واڌ ويجهه ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 1972 ۾ جڏهن قانون ٺهيو ته ان وقت تلور جي شڪار تي پابندي نه هئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته 1972 ۾ جڏهن ضابطه اخلاق ٺهيو ته ڇا ان جي قانون ۾ اجازت هئي، ان تي سنڌ حڪومت جي وڪيل جواب ڏنو ته قانون جي اجازت نه هئي پر انتظاميه اجازت نامو جاري ڪيو هو.

 جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته هاڻي مغلن ۽ سلطان جي دور واريون عدالتون نه آهن، هاڻي آئين ۽ قانون موجب فيصلا اچي رهيا آهن، عدالت پاليسي معالن ۾ مداخلت نه ڪندي، جيڪڏهن تلور جي شڪار تي قانون ۾ اجازت آهي ته مداخلت نه ڪئي ويندي.

عدالت، سمورن درخواستگذارن کي سڀاڻي تائين دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي تلور ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*