چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ پوليو ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن اندر گڏيل طور پوليو جي خاتمي واري مهم هلائڻ جو فيصلو

polio01-9

چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ پوليو ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن اندر گڏيل طور پوليو جي خاتمي واري مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مهم دوران شهر اندر موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي جي به تجويز ڏني وئي آهي.

چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليو ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري هيلٿ عذرا پيچوهو سميت ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران پوليو مهم ۾ سڪيورٽي صورتحال کي اثرائتو بڻائڻ، صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرز جي مانيٽرنگ تيز ڪرڻ ۽ پوليو جي خاتمي واري مهم ۾ مقامي رضاڪارن کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ گڏيل طور پوليو جي خاتمي واري مهم هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جنهن دوران شهر اندر موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي مڙهڻ جي تجويز به ڏني وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*