جيڪب آباد جي نمائش گرائونڊ قبرستان ۾ جانور قبرن جي کوٽائي ڪري بي حرمتي ڪرڻ لڳا

jecobabad

جيڪب آباد جي نمائش گرائونڊ قبرستان  ۾ جانور قبرن جي کوٽائي ڪري بي حرمتي ڪرڻ لڳا ۽ درگاهه افضل شاهه قبرستان ۾ گٽرن جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ سبب قبرون مسمار ٿي رهيون آهن، پر ميونسپل عملدار اگهور ننڍ ستل آهن.

شهر جي تاريخي نمائش گرائونڊ قبرستان ۾  بائونڊري وال نه هئڻ ڪري جانور قبرن جي کوٽائي ڪري بي حرمتي ڪري رهيا آهن، پر ميونسپل عملي ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته قبرستان کي چئو ديواري نه هئڻ ڪري رولو جانور قبرستان ۾ داخل ٿي نئين ٺهيل قبرن جي کوٽائي ڪن ٿا.

هنن وڌيڪ  چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ميونسپل عملو ڪوبه تحرڪ پٺڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري قبرستان جي ديوار تعمير ٿي سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته قبرستان کي چئو ديواري لڳائي قبرن جي بي حرمتي ٿيڻ کان بچايو وڃي.

جيڪب آباد جي درگاهه فضل شاهه قبرستان ۾ به گٽرن جو گندو پاڻي داخل ٿيڻ ڪري قبرون مسمار ٿي رهيون آهن، پر ميونسپل عملدار اگهور ننڊ ستل آهن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*