لاڙڪاڻي جي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ٻن شاگردن گروپن وچ ۾ جهيڙي دوران پوليس پهچڻ تي شاگردن هڪ اهلڪار کي يرغمال بڻائي ورتو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي جي سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ٻن شاگردن گروپن وچ ۾ جهيڙي دوران پوليس پهچڻ تي شاگردن هڪ اهلڪار کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن کانپوءِ پوليس ٻن شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ شاگردن جي ٻن گروپن وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد شاگردن هڪ ٻئي کي مارڪٽ ڪئي.

پوليس پهچڻ تي شاگردن هڪ اهلڪار  الطاف جاگيراڻي کي يرغمال بڻائي ورتو، جنهن کانپوءِ پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي.

پوليس جي وڌيڪ نفري پهچڻ تي شاگردن اهلڪار کي ڇڏي ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻن شاگردن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*