سعودي پرڏيهي وزير عادل الجُبير آمد کان اڳ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس

NawazSharif-1425618978-207-640x480

سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري کان اڳ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ سعودي عرب-ايران ڇڪتاڻ سميت مختلف معاملن تي ويچاريو پيو وڃي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، اسحاق ڊار، قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا ۽ ٻيا شريڪ آهن.

اجلاس ۾سعودي عرب-ايران ڇڪتاڻ ۽ سعودي عرب جي قيادت ۾ جڙيل 34 ملڪي فوجي اتحاد ۾ شموليت وارن معاملن تي غور ويچاريو وڃي.

ذريعن موجب، سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت اپوزيشن جماعتن جي تنقيد بعد حڪومت چٽو موقف پيش ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*