ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي گرفتار ٻن جوابدارن کي اعترافي بيان رڪارڊ

FIA

ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايف آءِ اي گرفتار ٻن جوابدارن کي اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ جوابدار معظم علي اڃا تائين اعترافي بيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ٿيو.

ايف آءِ اي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن محسن علي ۽ خالد شميم کي اسلام آباد جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عبدالستار عيساڻي جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

جوابدارن جي پيشيءَ دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري عدالت ۾ عام ماڻهن کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.

ذريعن موجب، ٻئي جوابدار مئجسٽريٽ جي روبرو قلم هڪ سئو 64 تحت بيان رڪارڊ ڪرائيندا ۽ جوابدارن جي اقبالي بيان بعد ڪيس اهم موڙ ۾ داخل ٿي ويندو.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدار معظم علي اڃا تائين اعترافي بيان ڏيڻ تي راضي ناهي ٿيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*