وڏي وزير قائم علي شاهه، عبدالفتاح ملڪ جي استعيفيٰ منظور ڪندي نثار خان دراني کي نئون ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري

Apex-Sindh-Qaim-2-12

وڏي وزير قائم علي شاهه، عبدالفتاح ملڪ جي استعيفيٰ منظور ڪندي نثار خان دراني کي نئون ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، عبدالفتاح ملڪ چيو آهي ته ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني آهي، مرتضيٰ وهاب سان ڪي به اختلاف نه آهن.

ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ گذريل ڏينهن ذاتي مصروفيتون ڄاڻائي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي، جيڪا وڏي وزير سيد قائم علي شاهه منظور ڪري ورتي آهي.

وڏي وزير، نثار خان دراني کي نئون ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي.

عبدالفتاح ملڪ چيو آهي ته ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏني آهي، قانون واري صلاحڪار مرتضيٰ وهاب يا ٻئي ڪنهن سان ڪي به اختلاف نه آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*