دهشتگردي ۾ ملوث جن ڏوهارين جون ضمانتون ٿي ويون آهن، انهن جون ضمانتون رد ڪرائڻ لاءِعدالتن سان رابطو ڪنداسين

ig

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو آهي ته دهشتگردي ۾ ملوث جن ڏوهارين جون ضمانتون ٿي ويون آهن، انهن جون ضمانتون رد ڪرائڻ لاءِ عدالتن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ۾ شهيد اهلڪارن جي 52 ڪٽنبن ۾ امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ چيو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن کي بحريا ٽائون فائونڊيشن ۾ پلاٽ ڏنا ويندا.

آءِ جي سنڌ چيو ته ايس ايس يو ۽ اسپيشل برانچ جيان سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي پڻ ايڊيشنل پيڪيج ڏئي پگهارن ۾ واڌارو ڪيو ويندو.

هن چيو ته هلندڙ سال شهيد ٿيل اهلڪارن جي خاندان ۾ 5 ڪروڙ رپين جا امدادي چيڪ ورهايا ويا، اڄ وڌيڪ 52 خاندانن کي 11 ڪروڙ 80 لک رپين جا چيڪ ڏنا پيا وڃن.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي چيو ته دهشتگردي ۾ ملوث جيڪي ڏوهاري ضمانت تي آزاد آهن، انهن جون ضمانتون رد ڪرائڻ لاءِ عدالتن سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*