سعودي پرڏيهي وزير جي دوري ۾ دير سبب گڏيل پريس ڪانفرنس ملتوي

soudi-security

سعودي عرب جي پرڏيهي وزير عادل بن احمد الجُبير پاڪستان جي دوري تي اسلام آباد پهچي رهيو آهي، سعودي پرڏيهي وزير جي دوري ۾ دير سبب گڏيل پريس ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي آهي.

ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد سعودي عرب جو پرڏيهي وزير عادل الجُبير اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي رهيو آهي، وزيراعظم نواز شريف سميت سياسي ۽ عسڪري قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندو.

پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز پاران سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو ويندو، جڏهن ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري ۾ دير سبب گڏيل پريس ڪانفرنس ملتوي ڪئي وئي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، سعودي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري اڄ منجهند 3 وڳي اسلام آباد پهچڻو هو، پر دير ٿيڻ سبب هو 3 وڳي پهچڻندو.

ذريعن موجب، دوري جو مقصد سعودي قيادت ۾ 34 اسلامي ملڪن جي اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت ۽ ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سعودي پرڏيهي وزير جي دوري دوران سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت ٻين اهم معاملن تي به ويچاريو ويندو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*