سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳنڀيرٿيندي پئي وڃي،حڪومت ڪمزوموقف اختيارڪيوته ڪيترائي آوازاٿندا:شاهه محمود

Shah-Mahmood-29-7

تحريڪ انصاف جَي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي، حڪومت ڪمزور موقف اختيار ڪيو ته ملڪ مان ڪيترائي آواز اٿي سگهن ٿا.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جا سعودي عرب سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پر ايران جي نظرياتي نقطن کي به اهميت ملڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان جي قيادت ۾ سڀاڻي عادل الجُبير سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته حڪومت سعودي عرب ۽ ايران ڇڪتاڻ بابت پاڪستان جي پاليسي واضح ٿيڻ گهرجي، ڪمزور موقف سان ملڪ مان آواز اٿي سگهن ٿا.

شاهه محمود قريشي چيو ته پرڏيهي وزارت، سعودي عرب جي قيادت ۾ دهشتگردي خلاف جوڙيل 34ملڪي اتحاد بابت تفصيلن کان اڻڄاڻ آهي، نواز سرڪار پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وزير اعظم نواز شريف کي سعودي عرب ۽ ايران جا دورا ڪرڻ گهرجن، ان حوالي سان وفد ۾ ٻين سياسي پارٽين کي به شامل ڪيو وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*