اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ججز نظربندي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ

Pervez-Musharraf1

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ججز نظربندي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ ڏيندي جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج سهيل اڪرم اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف ججز نظربندي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي وڪيل نئين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي پراسيڪيوٽر عامر نديم اعتراض ورايا.

پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته هر ٻڌڻي تي پرويز مشرف جي نئين ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.

عدالت پرويز مشرف کي حاضري کان هڪ ڏينهن ڇوٽ ڏيندي جاچ آفيسر کي چالان مڪمل ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ججز نظر بندي ڪيس جي ٻڌڻي 22 جنوري تي ملتوي ڪري ڇڏي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*