هالي ووڊ جي سائنس فڪشن فلم “اسٽار وارز: دي فورس اويڪنز” اتر امريڪي باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ قائم

star-wars-flam

هالي ووڊ جي سائنس فڪشن فلم “اسٽار وارز: دي فورس اويڪنز” اتر امريڪي باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ قائم ڪرڻ سان گڏ لڳاتار ٽئين هفتي به ٽاپ تي رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي.

باڪس آفيس جي تجزيه نگارن اميد ظاهر ڪئي آهي ته “اسٽار وارز: دي فورس اويڪنز” هلندڙ هفتي وڌيڪ 52 ملين ڊالرز جو ڪاروبار ڪري پهرئين نمبر تي رهندي.

خلائي ويڙهه جي موضوع واري فلم 7 سئو ملين ڊالرز کان وڌيڪ ڪاروبار ڪرن بعد 2009ع جي فلم “اويتار” جو رڪارڊ ٽوڙي اتر امريڪي باڪس آفيس جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلم بڻجي وئي آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 20 ڏينهن اندر ڏيڍ ارب ڊالرز کان وڌيڪ جو ڪاروبار ڪري چڪي آهي.

 هلندڙ هفتي هالي ووڊ فلم “دي ريوننٽ” 27 ملين ڊالرز سان ٻئي، دي “فاريسٽ ٽئين”، “ڊيڊيز هوم” چوٿين ۽ “سسٽرز” پنجين نمبر تي رهڻ جا امڪان آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*