نارَي جي سڪندرآباد صحت مرڪز ۾ دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران مدي خارج ڪري ساڙڻ بابت ڪي ٽي اين نيوز تان نشر ٿيل رپورٽ جو ڊي سي نوٽيس ورتو

naro-hospital

نارَي جي سڪندرآباد صحت مرڪز ۾ دوائون مريضن کي ڏيڻ بدران مدي خارج ڪري ساڙڻ بابت ڪي ٽي اين نيوز تان نشر ٿيل رپورٽ جو ڊي سي خيرپور منور مٺاڻي نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر نارو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سڪندرآباد صحت مرڪز ۾ ڪيترن ئي سالن کان ايندڙ سرڪاري دوائون مريضن کي نه ملڻ سبب مدي خارج بڻجي ويون، جيڪي انتظاميا پاران باهه ڏئي ساڙي ڇڏڻ بابت ڪي ٽي اين نيوز تان رپورٽ نشر ٿي.

ڊي سي خيرپور منور مٺاڻِي ڪي ٽي اين نيوز تان نشر ٿيل رپورٽ جو نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر کي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اسسٽنٽ ڪمشنر نارو تصديق ڪندي چيو آهي ته اسپتال ۾ مريضن کي صحت جي سهولتن جي اڻاٺ ۽ دوائون ساڙڻ بابت جاچ لاءِ ڊي سي خيرپور جون هدايتون مليون آهن، جلد جاچ ڪري جلد ذميوارن بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*