راڌڻ ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل موٽر سائيڪل لاڙڪاڻي نيئندي رستم ۾ فوت ٿي ويو

radhan19-8

راڌڻ ويجهو ٽرڪ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل موٽر سائيڪل لاڙڪاڻي نيئندي رستم ۾ فوت ٿي ويو، سڃاڻپ ڪارڊ ۾ موجوده ۽ مستقل پتو ڌار ڌار ڄاڻايل هئڻ سبب انتظاميا لاش چانڊڪا اسپتال ۾ رکرائي ڇڏيو.

لاڙڪاڻي کان دادو طرف ويندڙ موٽر سائيڪل سوار کي راڌڻ وٽ ٽرڪ زوردار ٽڪر هنيو، جنهن چانڊڪا اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏنائين.

فوتي نوجوان جي کيسي مان مليل سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي سندس سڃاڻپ قربان علي طور ٿي آهي.

پوليس موجب فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ موجوده پتو ڪراچي جو سکيا ڳوٺ ۽ مستقل پتو جيڪب آباد جو بچل پور ڳوٺ لکيل آهي، جنهن سبب لاش چانڊڪا اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*