سپريم ڪورٽ، ناياب پکي تلور جي شڪار تي پابندي خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

brids

سپريم ڪورٽ، تلور جي شڪار تي پابندي خلاف وفاق ۽ صوبن جي نظرثاني درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي،  جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو آهي ته عدالت جي آڏو اهم نوعيت جو معاملو آهي، جيڪڏهن ڪو غلط قانون ٺهي پيو ته ان کي ٺيڪ ڪرڻ سندن ذميواري آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ تلور جي شڪار تي پابندي واري فيصلي خلاف وفاق ۽ چئني صوبن جي نظرثاني درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذارن جي وڪيلن علي ظفر، مخدوم علي خان ۽ ٻين پاران آئين جي آرٽيڪل هڪ سئو 84  ٽـَي تحت داخل 7 گڏيل درخواستون واپس ورتيون.

عدالت، واپس وٺڻ جي بنياد تي 7 ئي درخواستون خارج ڪري ڇڏيون.

ٻڌڻيءَ دوران دليل ڏيندي اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ چيو ته قانون تلور جي محدود شڪار جي اجازت ڏئي ٿو، ان تي جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڪو قانون غلط ٺهي پيو ته ان کي صحيح ڪرڻ عدالت جي ذميواري آهي.

عدالت، ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪندي چيو ته مناسب وقت اچڻ تي فيصلو ٻڌايو ويندو.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ 19 آگسٽ 2015 تي تلور جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي هئي، اهڙي فيصلي خلاف وفاق حڪومت ۽ چئني صوبن پاران نظرثاني درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*