سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم سربراهه جي چڙڏياريندڙ تقريرن ۾ سهولتڪار بڻجڻ وارن ڪيسن ۾ جوابدارن جي ضمانت منظور

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڪيو ايم سربراهه جي چڙڏياريندڙ تقريرن ۾ سهولتڪار بڻجڻ وارن ڪيسن ۾ وسيم اختر جي 25 ۽ حيدر عباس رضوي جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪندي کين 22 جنوري تائين واسطيدار عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صادق حسين جي سربراهي ۾ بئنچ وسيم اختر ۽ حيدرعباس رضوي جي ضمانتن واري درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندن خلاف هڪ ئي الزام تحت شهر جي 27 ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جاچ ۾ مٿن ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي، ان باوجود هو پاڻ کي عدالت جي رحم ڪرم تي ڇڏن ٿا.

عدالت اهڙين درخواستن تي وسيم اختر جي 25 ۽ حيدر عباس رضوي جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪندي کين  22 جنوري تائين واسطيدار عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو آهي ته سندن خلاف داخل ڪيسن ۾ بدنيتي واضح نظر اچي رهي آهي. عدليه تي ڀرپور اعتماد آهي.

هن چيو ته ميئر جو حلف کڻڻ کانپوءِ حاضري کان استثنيٰ لاءِ درخواست ڏني ويندي، اميد ته عدالت قبول ڪندي.

حيدر عباس رضوي چيو ته هڪ ضلعي اندر هڪ ئي الزام تحت ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، عدالت ريسڪيو ڪيو، هاڻي ٽرائل ڪورٽ ۾ به پيش ٿينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*