ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اعظم ورسڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ چار قبائلي اڳواڻ مارجي ويا

north wazirstan new

ڏکڻ وزيرستان جي علائقي اعظم ورسڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ چار قبائلي اڳواڻ مارجي ويا آهن.

برمل جي علائقي اعظم ورسڪ ۾ محسود قبلي جو جرڳو ختم ٿيو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

ذريعن موجب، حملي جي نتيجي ۾ جرڳي تان واپس ايندڙ چار قبائلي اڳواڻ مارجي ويا، جڏهن ته ٻن ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

واقعي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته مارجي ويلن  جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*