خانپور مهر لڳ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهجي ڌيءُ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

khanpur

خانپور مهر لڳ جوابدار  ڪارنهن الزام هيٺ پنهجي ڌيءُ ۽  نوجوان  کي قتل ڪري ڇڏيو،  پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

خانپور مهر ويجهو ڳوٺ قائم ڀنڀرو ۾ جوابدار الهڏتو ڀنڀرو ڪارنهن الزام مڙهي نوجوان علي اڪبر پتافي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد هن  گهر ۾ ستل پنهنجي نوجوان ڌيءُ ڪونج کي به گوليون هڻي قتل ڪيو.

 اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي هنڌ پهچي مارجي ويل جوڙي جا  لاش  تحويل ۾ وٺي، خان پور مهر تعلقي اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن تڪرار تان پيش آيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*