ضياءُ الدين اسپتال ۾ اي اين پي ۽ جماعت اسلامي جي چوڻ تي به دهشتگردن جو علاج ٿيو آهي: رئوف صديقي

mqm-Rouf-sadique

ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي چيو آهي ته گهٽِين ۽ ننڍن محلن جي ڪوچڙن ۽ دهشتگردن جي فرياد تي مٿن دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر عاصم جي بيان تحت ضياءُ الدين اسپتال ۾ اي اين پي ۽ جماعت اسلامي جي چوڻ تي به دهشتگردن جو علاج ٿيو آهي، ڏسنداسين ته اسفند يار ولي ۽ سراج الحق خلاف ڪيس داخل ٿين ٿا.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي رئوف صديقي چيو ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي بيان تحت ضياءُ الدين اسپتال مان اي اين پي ۽ جماعت اسلامي جي چوڻ تي به دهشتگردن جو سستي اگهه تي علاج ڪرايو ويو.

هن چيو ته گهٽين ۽ ننڍن ننڍن پاڙن جي دهشتگردن ۽ ڪوچڙن جي فرياد تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ايم ڪيو ايم تي دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ وارو الزام سياسي انتقام آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم جي بيانن ۾ جماعت اسلامي ۽ اي اين پي جي دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ جو اعتراف به شامل آهي، پر هن وقت تائين سراج الحق ۽ اسفند يار ولي تي ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

رئوف صديقي چيو ته عمران خان پرڏيهي دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ جو به اعتراف ڪيو آهي، قانون سڀني لاءِ ڀرپور آهي، پي ٽي آءِ سربراهه خلاف به دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*