جيڪڏهن مسقبل ۾ ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي قيادت ڏني ته هو ان کي پنهنجي لاءِ اعزاز سجهندو:شعيب ملڪ

shohab-malikپاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مسقبل ۾ ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي قيادت ڏني ته هو ان کي پنهنجي لاءِ اعزاز سجهندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته نيوزيلينڊ جي دوري ۾ڪاميابي لاءِ سمورن رانديگرن ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو ٽيم جي فتح لاءِ گهڻو پراميد آهي.

هن چيو ته قومي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ ۾ سمورن رانديگرن جي فٽنس ۽ فيلڊنگ تي ڀرپور ڌيان ڏنو ويو، جنهن بعد هو سمجهي ٿو ته ٻنهي شعبن ۾ رانديگر سٺي پرفارمنس جومظاهرو ڪندا.

واضح رهي گذريل ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ پڄاڻي تي پهچي وئي، جنهن بعد سمورا رانديگر پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*