ارجنٽينا ۾ جاري ڊاڪار ڪار ريلي جي پنجين مرحلي ۾ ڪار ايونٽ ۾ فرانس جي نالي واري ڊرائيور سباسٽين ليوب ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

car-rasling

ارجنٽينا ۾ جاري ڊاڪار ڪار ريلي جي پنجين مرحلي ۾ ڪار ايونٽ ۾ فرانس جي نالي واري ڊرائيور سباسٽين ليوب ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته موٽر سائيڪل ايونٽ ۾ فتح  آسٽريليا جي ٽوبي پرائس کي حاصل ٿي.

ارجنٽينا جي شهر جوجوئي کان يوئاني تائين ٻڌل پنجو مرحلو پهاڙي ۽ پٿريلي ٽريڪ تي مشتمل هو.

ٽريڪ تي سمورن ڊرائيورن شاندار مهارت سان گاڏين کي ڪنٽرول ڪري مقرره فاصلو طئه ڪيو.

فرانس سان تعلق رکندڙ اڳوڻي عالمي نمبر هڪ سباسٽين ليوب مقرره فاصلو سڀ کان پهرين طئه ڪري پنجين مرحلي ۾ فتح پنهنجي نالي ڪئي.

موٽر سائيڪل ايونٽ ۾ ڪاميابي آسٽريليا جي موٽر سائيڪلسٽ ٽوبي پرائيس کي حاصل ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*