درست جاءِ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ صوبي وفاق خلاف بغاوت جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي:مولابخش

mola-bux

سڌسماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊئي چيو آهي ته درست جاءِ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ صوبي وفاق خلاف بغاوت جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي.

ايڪسپو سينٽر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو چيو ته هو نواز ليگ جي نيت تي ڪڏهن به 100سيڪڙو اعتبار نه ڪندو آهي ۽  هنن جمهوريت جي تسلسل لاءِ نون ليگ جي حمايت ڪري تمام گهڻي تنقيد برداشت ڪئي.

صوبائي صلاحڪار چيو ته هتي ڪيترائي ادارا موجود آهن ، هڪ پليٽ فارم تي ڪراچي جا سمورا شهري پنهنجي گهر بابت معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا.

صوبائي صلاحڪار چيو ته هنن صوبائي  خومختياري جي حدن ۾ رهي وفاق آڏو خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*