مائرون ڪمزورٻارڙن کي جنم ڏين ٿيون(سيڪريٽري صحت)خوراڪ جي کوٽ يا ڏڪارنه پرنمونيا آهي:ڪمشنر ميرپورخاص

tharrrr

ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڪامورن جي موقف ۾ تبديلي سامهون آئي آهي، سيڪريٽري صحت سعيد احمد مڱڻيجي چيو آهي ته خوراڪ جي کوٽ سبب مائرون ڪمزور ٻارڙن کي جنم ڏين ٿيون، جنهن سبب اهي فوت ٿي وڃن ٿا، ڪمشنر ميرپورخاص شفيق مهيسر جو چوڻ آهي ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ خوراڪ جي کوٽ يا ڏڪار نه پر نمونيا آهي.

صحت واري سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجي ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته مٺي سول اسپتال ۾ فوت ٿيل اڪثر ٻارڙن جو پيدائش وقت وزن گهٽ هيو.

هن چيو ته خوراڪ جي کوٽ سبب عورتون ڪمزور ٻارڙن کي جنم ڏين ٿيون، جيڪي اسپتالن ۾ فوت ٿي وڃن ٿا.

صحت واري سيڪريٽري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٿرپارڪر جي اسپتالن جي بجيٽ وقت سر جاري ڪئي وئي، اسپتالن جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته مٺي سول اسپتال ۾ هن وقت 22 ٻارڙا داخل ٿيل آهن، جن جا والدين علاج مان مطمئن آهن.

ڪمشنر ميرپورخاص شفيق احمد مهيسر چيو آهي ته ٿرپارڪر ۾ خوراڪ جي ڪابه کوٽ نه آهي ۽ نه ئي خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته ٻارڙا نمونيا سبب فوت ٿي رهيا آهن، اين جي اوز کي ٻهراڙي جي علائقن جا دورا ڪري ٻارڙن جي چيڪ اپ لاءِ چيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*