پاڪستان مان دهشتگردي ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي ويون آهن:سيد قائم علي شاهه

qaim-ali-shah08-1-16

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي ٿيڻ وارو تاثر غلط آهي، ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي ويون آهن، جلد دهشتگردي تي ضابطو آندو ويندو.

وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ ٿيل سيرت النبي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سڄي قوم هڪ آهي، عالمن جي سهڪار سان حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون.

هن چيو ته عالم سڳورا غلط راهه طرف ويندڙ نوجوانن جي رهنمائي ڪري کين سڌي رستي تي آڻي سگهن ٿا.

وڏي وزير قائم علي شاهه چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي ٿيڻ وارو دنيا جو موقف غلط آهي، سڀني ڏٺو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿي ويون آهن،  جلد دهشتگردي تي ضابطو آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*