ڄامشورو مهراڻ يونيورسٽي مان پوليس ملازم گروپ جي ٻن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو

jamshoro-aristed

ڄامشورو مهراڻ يونيورسٽي مان پوليس ملازم گروپ جي ٻن اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته  اڳواڻن تي يونيورسٽي انتظاميه ماحول خراب ڪرڻ جي ڪمپلين داخل ڪرائي هئي.

 پوليس مهراڻ يونيورسٽي جي پورهيت اڳواڻ شفقت ڪنڌر ۽ آصف جتوئي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميه ٻنهي اڳواڻن تي يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪمپلين داخل ڪرائي هئي، جنهن ڪري کين گرفتار ڪيوويو آهي.

گرفتار اڳواڻن جو چوڻ هو ته يونيورسٽي انتظاميه بنا جواز شوڪاز جاري ڪري کين گرفتار ڪرايو آهي، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*