جوهي جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي غير حاضري سبب فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو

johi-protest

جوهي جي تعلقي اسپتال ۾ ڊاڪٽرز جي غير حاضري سبب فوت ٿي ويل نوجوان  جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي ڊاڪٽرز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيوآهي.

نئين ڪالوني جي رهواسي نوجوان امان الله باهوٽو جي وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

مظاهرين چيوته جوهي هي تعلقي اسپتال ۾ مريضن لاءِ ڪابه سهولت ناهي، اسپتال جا ڊاڪٽرز ۾ ڊيوٽين تان غير حاضر هئڻ ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

هنن چيو ته نوجوان امان الله باهوٽو کي ڳڻتي جوڳي حالت  ۾ اسپتال آندو ويو ته ڊاڪٽرز جي غير حاضري سبب نوجوان تڙپي تڙپي ڏئي ڇڏيو، پر ڊاڪٽرز خلاف اڃان تائين ڪابه ڪاررروائي ناهي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽرز کي عهدي تان هٽائي اسپتال اندر سهولتن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*