جوهي ۾ ڳوٺاڻن بااثر پاران زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

johi-proest-08-01-16

جوهي ۾ ڳوٺاڻن بااثر پاران زمين تي قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪاڇي جي ڳوٺ نصير خان شاهاڻي جي رهواسي الهه وسايو شاهاڻي، حسين بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين چيو ته علائقي جي هڪ بااثر سندن 88 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري پنهنجا هٿيار بند پيهاري ڇڏيا آهن.

هنن چيو ته بااثر خلاف ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون، پر پوليس بااثر جي ونگار وهندي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪري رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بااثر خلاف ڪارروائي ڪري سندن زمين تان قبضو خالي ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*