اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن
اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي.
وفاقي گادي واري شهر سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جي لوڏن بعد ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪلمه طيب جو ورد شروع ڪري ڇڏيو.
زلزلو ماپيندڙ اداري جو چوڻ آهي ته ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 9 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زمين ۾ زلزلي جي اونهائي 230 ڪلوميٽر هئي.
خيبرپختونخواهه جي جن شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، انهن ۾ پشاور، سوات، شانگلا ۽ ڪوهاٽ شامل آهن، ان کان علاوه مهمند ۽ ڪرم ايجنسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
اسڪردو، گلگت، هنزه نگر، استور، غذر کان علاوه پنجاب جي شهرن ميانوالي، ملتان، فيصل آباد، سرگوڌا، چنيوٽ، بالاڪوٽ ۽ چڪوال ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا…………..