ٽن سالن دوران گڏهه جون هڪ لک 99 هزار 8 سئو 60 کلون برآمد ڪيون ويون، جڏهن ته گهوڙي جون 6 هزار 950 کلون پرڏيهه اماڻيون ويون

national-assembly20-8

وفاقي وزير خرم دستگير قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏيندي چيو آهي ته ٽن سالن دوران گڏهه جون هڪ لک 99 هزار 8 سئو 60 کلون برآمد ڪيون ويون، جڏهن ته گهوڙي جون 6 هزار 950 کلون پرڏيهه اماڻيون ويون آهن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ايوان کي آگاهي ڏيندي واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ٽن سالن دوران گڏهه جون هڪ لک 99 هزار 8 سئو 60 کلون برآمد ڪيون ويون، جڏهن ته پرڏيهي ملڪن  کي ڊمانڊ موجب کلون برآمد ڪيون وينديون آهن.

خرم دستگير گڏهن جي کلن بابت ته ايوان کي آگاهي ڏني پر انهن جي گوشت بابت هن اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي.

ڊپٽي اسپيڪر مختلف معاملن تي بحث کانپوءِ ايوان جي ڪارروائي سڀاڻي ساڍي چار وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*