پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽريز جي سطح جي ڳالهين لاءِ 15 جنوري جي تاريخ شيڊول ٿيل آهي:سرتاج عزيز

sartaj-aziz

پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽريز جي سطح جي ڳالهين لاءِ 15 جنوري جي تاريخ شيڊول ٿيل آهي، جنهن دوران ٻه طرفي ڳالهين لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي ويندي.

 قومي اسيمبلي ۾ آگاهي ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته اها ڳالهه درست ناهي ته ڀارت سان رڳو پاڪستان جي قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڳالهيون ٿينديون، تڪراري علائقي والاريل ڪشيمر معاملي جو حل اولين ترجيح آهي.

سرتاج عزيز  چيو ته امريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني هڪ لک 89 هزار 6 ماڻهن کي ويزا جاري ڪيا،  جڏهن ته واشنگٽن 27 هزار 428 ۽ لاس اينجلس مان 15هزار کان وڌيڪ ويزا جاري ٿيا.

هن چيو ته سريلنڪا ۾ 60 پاڪستاني قيد آهن، جن مان چئن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ 35 عمر قيد ڪاٽي رهيا آهن.

سرتاج عزيز پاڪ-ڀارت سيڪريٽريز سطح تي ڳالهين بابت چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرڏيهي سيڪريٽريز جي سطح جي ڳالهين لاءِ 15 جنوري جي تاريخ شيڊول ٿيل آهي.

سرتاج عزيز چيو ته سيڪريٽري سطح تي ڳاليهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*