ڀرياسٽي ۾ ذهني توازن وڃايل ناري منظوران منگي جو ڊي سي نوشهروفيرز جي اعلان باوجود ناري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو

P12-5

ڀرياسٽي ۾ ذهني توازن وڃايل ناري منظوران منگي جو ڊي سي نوشهروفيرز جي اعلان کانپوءِ طبي معائنو ته ٿيو، پر اڃان تائين ناري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو، پيرڳوٺ جي نينگري صوبيا جو به سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ جي اعلاج باجود علاج شروع ناهي ڪيو ويو.

ڀرياسٽي جي وارڊ نمبر  5  جي رهواسڻ ناري منظوران منگي جو ڊي سي نوشهروفيروز علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

ڊي سي جي اعلان کانپوءِ ڊاڪٽرز جي ٽيم ناري جو طبي معائنو ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪابل علاج قرار ڏنو هو، پر اڃا تائين ناري کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو.

 پيرڳوٺ جي نينگري صوبيا ڌاريجو جي ذهني مريض هئڻ بابت ڪي ٽي اين نيوز جي خبر جو سيڪريٽري وومين ڊولپمينٽ نوٽيس وٺندي سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيوهو.

سيڪريٽري جي اعلان باوجود نينگري کي هيل تائين علاج لاءِ اسپتال منتقل ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري هوءَ زنجيرن سان جڪڙيل زندگي گذارڻ تي مجبور آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*