باڊهه ۾ بد امني خلاف سياسي سماجي تنظين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

badahh-protest

باڊهه ۾ بد امني خلاف سياسي سماجي تنظين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين نور محمد بليدي، ڪامريڊ قادر بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي   مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.

مظاهرين چيو ته شهر ۾ بد امني چوٽ چڙهيل آهي، روزانو  ڦرن ۽ چورين جا واقعا معمول بڻيل آهن، پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته شهر ۾ هر هنڌ جوا ۽ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن، پر پوليس ڪارروائي بدران جوابدارن جي سرپرستي ڪري رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري بد امني تي ضابطو آندو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*