عمرڪوٽ ويجهو هيرل واهه کي 15 فوٽ گهارو پوڻ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويو

Umarkot-Map-31-7

عمرڪوٽ ويجهو  هيرل واهه کي 15 فوٽ گهارو پوڻ  سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل  فصل پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

ڳوٺ نورمحمد هاليپوٽو وٽان هيرل واهه کي گهارو پوڻ سبب فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، جڏهن ته اطلاع ڏيڻ باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو آهي ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو ٻڌڻ ۾ مصروف آهن.

ڳوٺاڻن موجب هيرل واهه جا ڪپر ڪمزور هئڻ سبب گهارو پيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*