سپريم ڪورٽ 2013 دوران ريگولر ڪيل ڪانٽريڪٽي ملازمن جا تفصيل گهري ورتا

Supreme

سپريم ڪورٽ 2013 دوران ريگولر ڪيل ڪانٽريڪٽي ملازمن جا تفصيل گهري ورتا آهن، عدالتي آرڊر ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي آئين جي ابتڙ قانون ٺاهي نه ٿي سگهي، لڳي ٿو ته ريگولرائزيشن ايڪٽ 2013 آئين جي خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ جي جسٽس امير هاني مسلم جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪانٽريڪٽ اينڊ ايڊهاڪ ايمپلائيز ايڪٽ 2013ع تحت ريگيولر ڪيل سمورن ملازمن جي لسٽ گهري ورتي آهي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي آرڊر ۾ چيو آهي ته صوبائي اسيمبلي آئين جي خلاف قانون نه ٿي ٺاهي سگهي، پر لڳي ٿو ته ريگيولرائيزيشن ايڪٽ 2013ع آئين جي خلاف آهي.

عدالتي آرڊر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريگيولرائيزيشن ايڪٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي باءِ پاس ڪري رهيو آهي، جيڪو سول سرونٽس جي مقرري لاءِ هوندو آهي.

عدالتي حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ريگيولرائيزيشن ايڪٽ جو جائزو ورتو ويندو ته اهو قانون موجب آهي يا ان خلاف آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*