لنڊن ۾ قتل ٿيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن جي اعترافي بيان جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا

imran-qatal-kas

لنڊن ۾ قتل ٿيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن جي اعترافي بيان جا وڌيڪ تفصيل سامهون اچي ويا آهن، جوابدارن محسن علي ۽ خالد شميم جو چوڻ آهي عمران فاروق کي قتل ڪرڻ بعد کين قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو، ان ڪري 5 سال افغانستان ۾ گذاريا.

عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدارن محسن علي سيد ۽ خالد شميم پاران جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو رڪارڊ ڪرايل بيان جا اهم نقطا سامهون اچي ويا آهن.

ذريعن موجب، محسن علي اعترافي بيان ۾ چيو ته عمران فاروق کي قتل ڪرڻ لاءِ ڇـُرين جو سيٽ لنڊن ۾ ون پائونڊ تان خريد ڪيو ويو هو ۽ چاقـُن جو سيٽ عمران فاروق جي گهر جي احاطي ۾ ئي لڪايو ويو.

هن چيو ته 16 سيپٽمبر تي جوابدار ڪاشف عمران فاروق کي مٿي ۾ سر هڻڻ بعد پيٽ ۾ چاقن جا وار ڪري قتل ڪيو، جنهن بعد هنن رين ڪوٽ ۽ ڇــُريون رستي ۾ اڇلائي ڇڏيون.

 محسن علي سيد بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڪاشف کي مرڪزي قيادت عمران فاروق کي قتل ڪرڻ جي هدايت ڏني هئي، لنڊن پهچڻ کانپوءِ اڪبر نالي شخص ساڻس ملاقات ڪئي.

جوابدار محسن علي ٻڌايو ته لنڊن پهچڻ بعد عارضي طور تي هن اسٽور ۾ نوڪري ڪئي ، جنهن بعد محمد انور 25 هزار پائونڊ موڪليا ۽ کين لنڊن اڪيڊمي آف سائنسز ۾ داخلا ڏياري وئي.

هن چيو ته داخلا ملڻ بعد ڪاشف عمران فاروق جي ريڪي شروع ڪئي، عمران فاروق کي قتل ڪرڻ بعد هنن معظم علي کي ٻڌايو ته “مامون ڪـِي صبح هوگئي”، جنهن جو مطلب هو ته توهان جو ڪم ٿي ويو آهي.

ذريعن موجب، محسن علي بيان ۾ اهو به چيو ته محمد انور جي هدايت تي معظم ۽ ڪاشف عمران فاروق کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو پر ان کي قتل ڪرڻ بعد  کين به قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، جنهن ڪري 5 سال افغانستان ۾ گذاريا، چمن بارڊر جي رستي ڏيهه واپس اچي رهيا هئاسين ته گرفتار ڪيو ويو.

جوابدار محسن علي وڌيڪ چيو ته کيس ڪراچي واٽر بورڊ ۾ نوڪري ڏياري وئي هئي، هو گهر ويٺي پگهارون کڻندو هو.

ذريعن موجب، جوابدار محسن علي ۽ خالد شميم جو بيان 6 کان 7 صفحن تي ٻڌل آهي، جوابدارن جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته بيان جون ڪاپيون جمع ناهن ڪرايون ويون، ٽرائل ڪورٽ ۾ بيان جمع ڪرائڻ بعد ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني ويندي.

هوڏانهن محمد انور جو چوڻ آهي ته سندس عمران فاروق قتل ڪيس سان ڪو به واسطو ناهي، مٿس لڳايل الزام بي بنياد آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*