ڳالهين ۾ افغان طالبان جا نمائنده شريڪ نه ٿيندا:مريڪي پرڏيهي ترجمان جان ڪربي

john-karry

افغان مفاهمتي عمل بابت 4 ملڪي ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿي رهيون آهن، آمريڪي پرڏيهي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته ڳالهين ۾ افغان طالبان جا نمائنده شريڪ نه ٿيندا.

آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب گذريل مهيني ٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس جي تسلسل ۾ ايندڙ هفتي آمريڪا، افغانستان، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي ميڊيا بريفنگ چيو ته ڳالهين ۾ شريڪ ٿيندڙ آمريڪي نمائندن جا نالا في الحال ٻڌائي نه ٿا سگهجن.

هن چيو ته 4 ملڪي ڳالهيون افغان مفاهمتي عمل ۾ اهم اڳڀرائي جو سبب بڻجندا، ڳالهين سان اتحادي ملڪن سان لاڳاپا وڌيڪ سگهارا ٿيندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ جان ڪربي جو چوڻ هو ته ڳالهين ۾ افغان طالبان جا نمائنده شريڪ نه ٿيندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*