لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ جو هاسٽل جي باٿ روم مان لاش هٿ

janah-lahore

لاهور ۾ پنجاب يونيورسٽي جي شاگردياڻيءَ جو هاسٽل جي باٿ روم مان لاش هٿ آيو آهي، پوليس شاگردياڻي جو لاش پوسٽ مارٽم منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور جي علائقي وحدت ڪالوني ۾ پنجاب يونيورسٽي جي باٿ روم مان شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو، جنهن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

پوليس موقعي تي پهچي شاگردياڻي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاگردياڻي جي سڃاڻپ حافظ آباد واسڻ فرزانه طور ڪئي وئي آهي، جيڪا ايم ايس سي رياضي جي شاگردياڻي ڪئي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شاگردياڻي آپگهات ڪيو آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، ان بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد واقعي جا اصل ڪارڻ معلوم ٿيندا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*