ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين کي ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون، مٿن 30 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

Karachi-ATC-court

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت بدين ٿاڻي تي حملي، شهر اندر فائرنگ ۽ ڦرلٽ سميت چئن ڪيسن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين کي ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون، مٿن 30 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

اي ٽي سي ون جي جج بشير احمد کوسا جي عدالت ۾ اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿي بدين ٿاڻي تي حملي، بازار ۾ فائرنگ ۽ ڦرلٽ سميت چئن ڪيسن ۾ پيش ٿيا.

عدالت ذوالفقار مرزا ۽ سندس ساٿين کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون، سندن خلاف 30 جنوري تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

ٻئي طرف جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ عدالت ذوالفقار مرزا خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ واري ڪيس ۾ سندس چار ساٿي پيش نه ٿيڻ تي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته چار ئي ڄڻا بيماري سبب پيش نه ٿي سگهيا آهن، جنهن تي عدالت کين ايندڙ ٻڌڻي تي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽس سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*