سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پاران بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ تي جسٽس احمد علي شيخ ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار

ig-sindh-jamali

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻَي سميت ٻين آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس منيب اختر جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ جوڙي ڇڏي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پاران بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ تي جسٽس احمد علي شيخ ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪيو هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻَي ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊاڪٽر جميل سميت ٻين آفيسرن خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس منيب اختر جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ جوڙي ڇڏي آهي.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، اڳوڻي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻَي ۽ ٻين پوليس آفيسرن جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ ڊويزن بئنچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي هئي.

پوليس آفيسرن پاران بي اعتمادي ظاهر ڪرڻ کانپوءِ جسٽس احمد علي شيخ ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي فائل چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*