راڻا ثناءُ الله انسپيڪٽر عاطف کي قتل ڪرايو آهي، پنجاب جو قانون وارو وزير پهريان 20 ماڻهن جو قاتل هو:چوڌري شير عل

chudhry-shar-ali

مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ فيصل آباد جي اڳوڻي ميئر چوڌري شير علي الزام هنيو آهي ته راڻا ثناءُ الله انسپيڪٽر عاطف کي قتل ڪرايو آهي، پنجاب جو قانون وارو وزير پهريان 20 ماڻهن جو قاتل هو، هاڻي 21 ڄڻن جو قاتل ٿي ويو آهي.

فيصل آباد ۾ سٽي اسٽيشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ مملڪتي وزير عابد شير علي جي پيءُ ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ چوڌري شير علي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري شير علي چيو ته راڻا ثناءُ الله قانون وارو وزير آهي پر سڀ کان وڌيڪ قانون به ان ٽوڙيو آهي.

هن الزام هنيو ته  فيصل آباد ۾ قتل ٿيل انسپيڪٽر عاطف جي قتل ۾ به راڻا ثناءُ الله ملوث آهي.

چوڌري شير علي چيو ته راڻا ثناءُ الله پهريان 20 ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هو پر هاڻي 21 ماڻهن جو قاتل ٿي ويو آهي.

هوڏانهن راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته چوڌري شير علي ذهني مريض آهي، سندس ڪوڙن الزامن جو جواب ڏيڻ مناسب ناهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*