مشرف دور جو مڪاني نظام هاڻي ڪڏهن به واپس نه ايندو ۽ چوڌري نثار جو رويو هيڊ ماستر جهڙو هوندو:مولابخش چانڊيو

mola-bux-chandio

سڌسماءَ بابت وڏي وزير جي  صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته پرويز مشرف واري دور جي مڪاني نظام جا خواب ڏسندڙ هاڻي ان کي وساري ڇڏين، مشرف دور جو مڪاني نظام هاڻي ڪڏهن به  واپس نه ايندو ۽ چوڌري نثار جو رويو هيڊ ماستر جهڙو هوندو.

حيدرآباد ۾ سنڌي ليگيوئيج اٿارٽي ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيو چيو ته مڪاني ادارن جو قانون واضح آهي، حالتن موجب قانون ۽ اختيارن ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي.

هن چيو پرويز مشرف واري دور جي مڪاني نظام جا خواب ڏسندڙ هاڻي ان کي وساري ڇڏين، مشرف دور جو مڪاني نظام هاڻي ڪڏهن به  واپس نه ايندو.

مولابخش چانڊيو چيو ته چوڌري نثار جي سنڌ آمد بابت ان کان پڇيو وڃي، جيڪڏهن هو آيو ته سندس آجيان ڪنداسين.

صوبائي صلاحڪار چيو ته جڏهن رينجرز جو معاملو هو ته ان وقت تمام گهڻو گوڙ ڪيو ويو .

صوبائي صلاحڪار چيو ته هنن وفاق لاءِ قربانيون ڏنيون آهن ۽  جڏهن به نواز ليگ جي حڪومت ايندي آهي ته ننڍن صوبن لاءِ مسئلا ٿيندا آهن.

مولابخش چانڊيو ٿر جي اسپتالن ۾ سهولتون نه هئڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته  ٿر  ۾ ٻارڙن جي موت جا ڪارڻ سندن عمر ۽ موسمي حالتون آهن.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*