سنڌ حڪومت مخالف گرينڊ الائنس لاءِ اڄ ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پ پ مخالف پارٽين جو اجلاس

nusrat-abasi

      سنڌ حڪومت مخالف گرينڊ الائنس لاءِ اڄ ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ پ پ مخالف پارٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نواز ليگ سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ شرڪت ڪري رهيا آهن.

   پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ نواز ليگ، فنڪشنل ليگ، پي ٽي آءِ، ارباب گروپ، مرزا گروپ ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

   اجلاس ۾ ارباب غلام رحيم، صدرالدين شاهه، لياقت جتوئي، ذوالفقار مرزا، صفدر عباسي،عبدالله حسين هارون، اسماعيل راهو، غوث علي شاهه، جلال محمود شاهه، اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

      ذريعن موجب اجلاس ۾ گرينڊ الائنس کي حتمي شڪل ڏيڻ سميت سنڌ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

    گذريل ڏينهن نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻن خدشن جو اظهار ڪندي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر اڄ پارٽي قيادت جي هدايتن تي ڪنگري هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

       ذريعن موجب گرينڊ الائنس ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن ۾ به اختلاف موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*