سمنڊ سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي پر سنڌ سرڪار پاران رڳو پوڻا 13 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ جو اعتراف

badin-earth

سمنڊ سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي پر سنڌ سرڪار پاران رڳو پوڻا 13 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿيڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته وفاق به معاملي کي صوبائي مسئلو قرار ڏئي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، جنهن سبب سمنڊ پاران ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي زمين پائڻ جو سلسلو جاري اڃا به جاري آهي.

 بدين ۽ ڪراچي سميت بلوچستان ۾ سمنڊ جي اڳتي وڌڻ واري مامري جي جائزي ۽ ان حوالي سان سفارشون تيار ڪري سينيٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر سينيٽر ڪريم خواجه جي صدارت هيٺ ٿيو.

 اجلاس ۾ رٿابندي واري وفاقي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سمنڊ جي اڳتي وڌي زمين پائڻ وارو معاملو صوبائي آهي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته لاڳاپيل صوبائي حڪومت قدم کڻي، وفاق وڏي منصوبن وارن ۾ رڳو 50 سيڪڙو رقم ڏيندو آهي.

رٿابندي ڪميشن جي اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي رٿابندي ڪميشن جي عملدار جي موقف کي رد ڪندي چيو ته رٿابندي سي سي آءِ جي دائري ۾ اچي ٿي، جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ آئين جو اهو آرٽيڪل پيش ڪيو وڃي، جنهن ۾ لکيل آهي ته رٿابندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي دائري ۾ نٿي اچي.

ارسا چيئرمين رائوف ارشاد اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اعتراف ڪيو ته عالمي پاڻي ماهرن پاران ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم بابت ڏنل سفارشن تي 10 سالن گذرڻ باوجود عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي، ڪوٽري ڊائون اسٽريم ۾ ڪجهه عرصي بعد نه پر روزانو 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ بابت 4 اڀياس ٿي چڪا آهن، عالمي پاڻي ماهرن جي پئنل پاران رپورٽ 2005 ۾ تيار ڪئيو ئي، جيڪا پاڻي واري وزارت وٽ پيل آهي پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو.

رائو ارشاد چيو ته سمنڊ جي اڳتي وڌڻ ۽ زمين پائڻ جو مسئلو ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي نه ڇڏڻ سبب پيش اچي رهيو آهي، هڪ ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي مان 40 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهي ٿي، ان ڪري کين کي وڏن ڊيمن طرف وڃڻو پوندو.

ارسا چيئرمين چيو ته هر سال 30 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿي رهيو آهي، جنهن جي ماليت 1400 ارب رپيا آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*