سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي سڪيورٽي جا انتظام سخت

سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ مجلسون منعقد ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته شهيدن جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن.

ڪراچي ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جي جانثار ساٿين جي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مرڪزي ماتمي جلوس نشترپارڪ مان برآمد ٿيو، جلوس ۾ شرڪت ڪندڙ ايم اي جناح روڊ تي واقع امام بارگاهه علي رضا جي سامهون ظهرين جي نماز ادا ڪندا.

جلوس مختلف رستن کان ٿيندي امام بارگاهه حسينيا ايرانيان کارادر تي پڄاڻي تي پهچندو، جلوس جي سڪيورٽي لاءِ 5 هزار پوليس اهلڪار ۽ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي.

جلوس جي رستن تي قائم حساس هنڌن جي وڏين عمارتن تي 200 اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم  ذريعي به جلوس جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

لاهور  ۾ چاليهي جو مرڪزي جلوس الف شاهه حويلي ۽ راولپنڊي ۾ امام بارگاهه يادگار حسين کان برآمد ٿيندو، ماتمي جلوس مختلف رستن کان ٿيندي پنهنجي هنڌن تي پڄاڻي تي پهنچندا.

راولپنڊي ۾ جلوس دوران ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ 6 هزار پوليس اهلڪار ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوج کي به اسٽينڊ باءِ رکيو ويو آهي.

ڪوئيٽا ۾ مرڪزي جلوس امام شهدا چوڪ کان نڪري بهشت زينت تي پڄاڻي تي پهچندو، ان حوالي سان سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن ، جڏهن ته موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پڻ پابندي آهي.

سرگوڌا ۾ به ماتمي جلوس جي حوالي سان سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، جلوسن جي حفاظت لاءِ سڄي ضلعي ۾ 15 سئو اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويوآهي،جڏهن ته موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي آهي.

ان کان علاوه ڀڪر ۾ به موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي آهي، جڏهن ته صبح 10 وڳي کان 6 وڳي تائين موبائيل فون سروس پڻ معطل رهندي.

ان کان علاوه گوجرانوالا، ميانوالي، پشاور، بنون ۽ ڪوهاٽ ۾ به چاليهي جا جلوس ڪڍيا ويا آهن،جيڪي روايتي رستن تان ٿيندا پنهنجي منزل تي پڄاڻي تي پهچندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*