راونتي ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ۽ فائرنگ ۾ 12 ورهين جو نينگر مارجي ويو

ghotaki-map11-9

راونتي ويجهو ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ۽ فائرنگ ۾ 12 ورهين جو نينگر مارجي ويو، هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب شر برادري جون مينهون چوري ٿيڻ بعد پيري کڻڻ دوران جوابدارن سان مقابلو ٿيو، ڳوٺاڻن الزام هنيو آهي ته پوليس بنا جواز فائرنگ ڪري سندن نينگر کي قتل ڪيو آهي.

ڪچي جي ڳوٺ گـــُڏو شر تي پوليس چڙهائي ۽ فائرنگ دوران 12 ورهين جو نينگر غلام ياسين شر مارجي ويو، جڏهن ته پوليس هڪ ڄڻَي مجيد شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب گذريل رات شر برادري جون مينهون چوري ٿي ويون هيون، پيري کڻڻ دوران جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ نينگر مارجي ويو.

وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس بنا جواز ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي ۽ فائرنگ ڪري نينگر کي قتل ڪرڻ بعد هڪ ڄڻَي کي کنڀي وئي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*