اسلام آباد جي علائقي غوري ٽائون مان ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرولر جو لاش هٿ

islamabad--radio

 اسلام آباد جي علائقي غوري ٽائون مان ريڊيو پاڪستان جي ڪنٽرولر جو لاش هٿ آيو آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته محمد الياس گذريل ڏينهن کان گم هو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد جي علائقي غوري ٽائون جي فيز ٽـُو مان هڪ گاڏي اندر لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ ريڊو پاڪستان جي ڪنٽرولر محمد الياس طور ڪئي وئي آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ پولي ڪلنڪ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته محمد الياس جي گاڏي مان هڪ لک رپين جو چيڪ به هٿ آيو آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته محمد الياس گذريل ڏينهن کان گم هو، سندس فون نمبر به بند پئي مليو، ان جي گمشدگي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد جاچ جو دائرو اڳتي وڌايو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*