اسلام ڪوٽ جي آشرم مان چوري واري واقعي خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال

islamkot

اسلام ڪوٽ جي آشرم مان چوري واري واقعي خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي، ڪي ٽي اين نيوز چوري واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز حاصل ڪري ورتا آهن.

اسلام ڪوٽ جي سَنت نهڻو رام آشرم ۾ رکيل جي نذراني جي پيتين مان چوري جا سي سي ٽي وي فٽيجز ڪي ٽي اين نيوز کي ملي ويا آهن.

فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رات جو پوڻي 2 لڳي 48 منٽن تي 2 چور آشرم ۾ داخل ٿي تجوري جا تالا ٽوڙي نذراني واري رقم چورائي رهيا آهن.

فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو جوابدار بنا ڪنهن ڊپ جي آساني سان چوري ڪري رهيا آهن.

آشرم مان چوري واري واقعي خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو.

مظاهرين چيو ته 2 ڏينهن اڳ مٺي جي مندر مان چوري ڪئي وئي، هاڻ واري اسلام ڪوٽ جي آشرم مان چوري ڪئي وئي آهي پر پوليس هٿ تي هٿ رکي ويٺل آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوليس واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

ايم پي اي لال چند اڪراڻي چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*